ساجده جبين

ساجده جبين: سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪاره ساجده جبين جو پورو نالو ساجده شاهه آهي. سندس جنم 27 مارچ 1978ع تي باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول باجارا، بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان حاصل ڪئي. تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيڻ بعد بي.ايڊ پڻ ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. ابتدا ۾ ڪهاڻيڪاره شبانه سنڌي ۽ فضه غزل سندس رهنمائي ڪئي. جنهن بعد هن ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ساجده جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ’جذبن جهوريو جيءُ‘ 2003ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ساجده هڪ ڪهاڻيڪاره هجڻ سان گڏ سٺي شاعره پڻ آهي. سندس شادي 2001ع ۾ ناليواري اديب ۽ شاعر مشتاق بخاريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ حسنين ۽ هڪ ڌيءُ معصومه جو اولاد آهي.


لفظ ساجده جبينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.27  عيسوي

سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪاره ساجده جبين جو پورو نالو ساجده شاهه آهي. سندس جنم 27 مارچ 1978ع تي باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس مان
جان الله شاهه رضوي
ع ق شيخ
حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
ساڌنا شوداساڻي
ڪمال خان چانگ
اياز پاٽولي
سيد قائم علي شاهه
عبدالحق شيخ 2
چاچڙ حاجي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون